SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


: Defensive Realism

(click word to listen sound
  • 🔊
  • difensiv
  • riəlizəm
  • )

From the Dictionary of International Relations:

: Defensive Realism

ڊفينسوِ ريئلزم

دفاعي حقيقت پسندي

هي هڪ وسيع اصطلاح آهي جيڪو بين الاقوامي سياست ۽ پرڏيهي پاليسيءَ جي ٻين ڪيترن اصطلاحن کي چٽو ڪري ٿو، خاص طور رابرٽ جاروس ( Robert Jarvis) جا سڪيورٽي مامرن ۽ ڪينٿ والٽزKenneth Waltz) ) جا ”طاقت جي توازن،، بابت نظريا هن اصطلاح جي ذريعي واضح ٿين ٿا. هي اصطلاح ٻڌائي ٿو ته ”بين الاقوامي سرشتو،، والار جي عمل کي وڌائڻ جي سلسلي ۾ دلچسپي رکندڙ عنصرن جي ڪن خاص حالتن تحت همت افزائي ڪري ٿو، مثال طور ڪنهن به انتشاري صورتحال ۾ جڏهن هڪ رياست پاڻ کي فوجي ۽ معاشي طرح مضبوط ڪري ٿي ته ٻيون رياستون پاڻ مُرادو ڪمزور ٿيڻ لڳڻ ٿيون، جنهن ڪري علائقي ۾ عدم توازن پيدا ٿئي ٿو، رياستون هڪٻئي جي سلامتيءَ بابت فڪر مند ٿين ٿيون، اهڙي ماحول جي نتيجي ۾ هڪٻئي خلاف دُشمني ۽ تڪرار واري صورتحال جُڙڻ لڳي ٿي. ڏسڻ ۾ آيو آهي ته عام طور تي هر رياست والار پسند هوندي آهي، ڇاڪاڻ جو رياست جا اڪثر سربراهه ملڪي قومي طاقت ٻين علائقن تي قبضن ذريعي ئي وڌندي ڏسن ٿا. ان نظريي کي رد ڪندي ”دفاعي حقيقت پسندي“ ڏسي ٿي ته رياستن جي بقا وچٿرن روين ۽ حڪمت عملين جوڙڻ جي ذريعي ممڪن ٿي سگهي ٿي ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ ڪامياب رياستن جي حوالي سان ڏٺو ويو آهي ته هڪ ئي وقت فوجي، سفارتي، پرڏيهي معاشي پاليسين کي هاڪاري رخ ۽ سهڻي طور طريقي سان هلائيندڙ رياست ئي سهپ، صبر ۽ ترقيءَ جو ماحول پيدا ڪري ٿي ۽ پاڻ سميت سڀني رياستن لاءِ عدم تحفظ جي صورتحال پيدا نه ٿي ڪري هن نظريي ۾ طاقت جي توازن جي نظريو“،”متحرڪ دفاع جو نظريو“، ”چتاءَ جي توازن جي نظريو“، ”داخلي تحرڪ جو نظريو“ ۽ ”دفاعي ابتريءَ جي نظريي“ سميت ٻيا ڪيترائي نظريا بحث هيٺ اچن ٿا


Remember Me Also:

فتح

ث. ع. فَتَحَ = هن کوليو جِيتَ ، سوڀَ ، نصرت ، ڪاميابي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal